بهادر خان ازبڪ

بهادرخان ازبڪ: اصل نالو عبدالنبي ۽ تعلق تُوران جي بزرگن سان هئس. عبدالمؤمن خان جي دؤر ۾ ترقي ڪري ”مشهد“ جو حاڪم مقرر ٿيو. ان جي قتل کان پوءِ، جيتوڻيڪ باقي خان کيس گهڻيون ئي دلداريون ڏنيون، پر ڪعبي وڃڻ جو بهانو ڪري هندستان ويو ۽ اڪبر بادشاهه جو ملازم مقرر ٿيو. کيس منصب سان گڏ جڙادار خنجر به عطا ڪيو ويو. مرزا غازيءَ جي وفات کان پوءِ کيس قنڌار جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. 1029ع ۾ اکين جي روشني گهٽ هجڻ جو عذر ڪري، عهدي تان استعيفيٰ ڏنائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو